راجا ڏاھر خلاف عرب حڪمرانن جي جنگ ۽ علط پروپيگنڊا تحرير وقاص کوسو

اهو دنيا ئي دستور رهيو آهي ته فاشت قوتون پنهنجي تسلط ۽ يلغار کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ مفتوح کي بدنام ڪرڻ کان نه ٿيون ڪيٻائين،هر حملي آور وٽ پنهنجي حملي،جنگ ڄار حدت کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ دليل ۽ مخالف ڌر تي بيجا ۽ بيهودا الزام هڻڻ دستور رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي سنڌ جي جي لکيل تاريخ ۾ عربن ۽ ڌارين تاريخدان سنڌ جي هيرن کي بدنام ڪرڻ،خراب، وحشي ظالم، جابر، وحشي ۽ آمر ڏيکارڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي. 
سنڌ جيڪا هزارين سالن جي ڄمار رکندڙ قُوم آهي، جنهن جو عملي ثبوت هن وقت به موهن جي دڙي، ڪوٽڏيجي، رني ڪوٽ ۽ آمري جي ڌڙن سوڌو مختلف قلعا، دڙا ۽ شهر موجود آهن، ان هزارين سالن کان هي پرڳڻو پنهنجي خوشحالي جي ڪري ڌارين جي اکين ۾ ڪنڊو رهندي آئي آهي، هن ڌرتي تي عربن، ترخانن،، مغلن ۽ انگريزن سوڌو ڪڏهن نادر شاهه تہ ڪڏهن ڪنهن ٻئي فاشت هلان ڪري پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هنن جي يلغارن ۽ حملن کي روڪڻ لاءِ ڪيترن ئي هيرن غيرتمند پٽن غيرت، قومي جذبر۽ حب الوطني جي جذبي سان شرسار ٿي کين روڪڻ لاءِ پنهنجي وٽ ۽ وس آهر پنهنجيون جانيون قربان ڪيون آهن، اهڙو ئي هڪ هيرو چچ گهراڻي(برهمڻ گهراڻي) جو راجا ڏاهر بہ هو، هن جوڌي نه رڳو پاڻ پر سندس سڄو خاندان ۽ جانثار لطيف جي نگري قربان ٿي عرب لٽيرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. 
عرب لٽيرن سنڌ تي هلان لاءِ پهريون بهانو جهاز ڦرڻ جو ڪيو، جنهن  جي باري ۾ چچ نامي دعوي' ڪئي آهي ته سريلنڪا جي بادشاهه سرنڊيپ پاران عرب حڪمران لاءِ عورتن ۽ ٻين تحفظن جا 8 ٻيڙا مڪليا ويا جيڪي ديبل بندر  وٽ ڦريا ويا، اها ئي ڳالهه تاريخ معصومي واري صاحب هن ريت ڪئي آهي ته "عبدالملڪ جي خلافت جي زماني ۾  ان پنهنجا ڪجهه ملازم  هندوستاني ڪنيزون ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا شام جا واپاري به انهن سان گڏ سنڌ آيا، گهربل ڪنيزون ۽ ٻيون شيون خريد ڪري واپس وڃي رهيا هئا ته ڊيبل بندر وٽ سامونڊي ڌاڙيل حملوڪري انهن مان اڪثر کي ماري ڇڏيو ۽ ڪجهه کي قيد ڪيو "(تاريخ معصومي اردو ترجمو صفحو نمبر 10)انهن ڪميشن جي آزادي لاءِ ان وقت جي خليفي عبدالملڪ هڪ لشڪر تيار ڪيو پر زڻدگي کيس مهلت نہ ڏني ان بعد سندس پٽ وليد اقتدار جي ڪرسي تي ويٺو تہ عراق جي گورنر حجاج بن يوسف عرضنامو موڪليو ته اوهان جي والد ڊيبل ۾ ڦاٿل قيدين کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ لشڪر تيار ڪيو هو پر هاڻي هو هليو ويو آهي، اهي ماڻهو اڃا قيد ۾ آهن اوهان اجازت ڏيو ته انهن قيدين آزار ڪرائڻ سان گڏ وڏو مال ۽ دولت به هٿ ايندي. (تاريخ معصومي اردو صفحو https://youtu.be/iuatO3nMSp010).
هاڻي هن ڪتابي دليلن کان پوءِ جيڪي ماڻهو محمد بن قاسم يا عربن جي يلغار کي نج اسلامي قرار ڏيڻ ٿا اهي ٻڌائين ته اسلام ته غلامن کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ته ڪنيزون خريد ڪرڻ جو جواز آهي، ٻيو ته اجازت نامي ۾ اسلام جي سربلندي جُ ڪٿي به ذڪر ڪيل آهي پر دولت هٿ اچڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي هاڻي ٻڌايو ته هي عربن جو هلان نج اسلامي ٿيو يا رڳو سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ هو "ان کانسواءِ عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ 14 حملا ڪيا هئا اهي انهن لاءِ کين ڪهڙو جواز هو(سنڌ جا سورما جي ايم سيد صفحو 19)
عرب ۽ ڌاري  جي لکيل تاريخ ۾ راجا ڏاهر کي ڪافر، عياش ۽ ظالم ڪري ڏيکاريو ويو آهي جيتوڻيڪ مذهب هر ڪنهن جي پنهنجو ذاتي فعل آهي. سن 92هجري ۾ حجاج بن يوسف پاران محمد بن قاسم کي لشڪر ڏئي سنڌ ڏانهن موڪلڻ کي نج اسلامي ۽ سنڌ ۾ اسلام جي پکيڙڻ لاءِ آيل لشڪر چوندڙ کان سوال رڳو اهو آهي ته پاڻ ڪريمن ﷺ جا جيڪي 5 اصحابي اسلام جو پيغام کڻي آيا جن ۾ ڪجهه واپس هليا ويا ۽ ڪجهه سنڌ ۾ ئي رهي پيا، انهن هتي اسلام پکيڙيو هو نه وري محمد بن قاسم، انکانسواءِ سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جو مذهبي متڀيد نه هو ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته راجا ڏاهر جيڪو پاڻ برهمڻ هو پر سندس دور ۾ 2 گورنر ٻڌ ڌرم جا هئا ان کان سواءِ علافي عربن بني اميه گهراڻي جي ماڻهن کان تنگ ٿي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي ان باري ۾ سائين جي ايم سيد لکي ٿو ته "2گورنر راجا ڏاهر جي حڪومت ۾ ٻڌ ڌرم جا هئا نه رڳو ايترو پر هڪ مسلمان عرب محمد علافي نالي عرب ساري قبيلي سان بني اميه جي ظلم کان تنگ اچي سنڌ ۾ اچي راجا ڏاهر راجا ڏاهر جي پناهه هيٺ رهيو، ان سان راها ڏاهر اهڙو سهڻو سلوڪ ڪيو آهي جو سندس سڄي جي ٻئي پاسي هن جي نالي اڪيرڻ جي اجازت ڏني اهڙو سلوڪ تاريخ ۾ ڪو ڇڊو نظر ايندو(سنڌ جا سورما صفحو 19)
ان واقعي بابت ڌارين تاريخدان به لکيو آهي ان سلسلي ۾ چچ نامي واري صاحب لکيو آهي ته "رمل قنوج جي راجا رائو مل راءِ جڏهن 85هه مطابق 704ع  ۾ سنڌ تي حملو ڪيو ته ان جنگ ۾ ڪمانڊ مسلمان عرب محمد حارث علافي وٽ هئي جنهن  عرب حڪمرانن کان بغاوت ڪندي سنڌ ۾ پناهه ورتي هئي،" ان سلسلي ۾ انگريز تاريخدان ايڇ ايم لئمبرڪ لکيو آهي ته " علافي جي انهيءَ ڪاميابي کانپوءِ چچ گهراڻي جي سڄي (سرڪاري سڪي) جي پٺيان علافي جو نالو لکرايو ڇڏيو هو
هاڻي خبر پئي نه محمد بن قاسم جي اچڻ سان هتي اسلام آيو ۽ نه وري ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو تعصب هو، 
عرب ليکڪن راجا ڏاهر کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو من گهڙت قصو ٺاهيو ان کي تاريخدانن ان کي رد ڪيو آهي ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور پنهنجي تحقيق جي بنياد تي مايين (لاڏيءَ) سان رڳو رسمي شادي ڪرڻ واري ڳالهه کي هٿ ٺوڪيو قرار ڏنو آهي، سائين هي ايم سيد مطابق "هندو برهمڻ ڀيڻ ته پري جي ڳالهه پر سوٽ سان به شادي به ناجائز ٿا ڄاڻن، تنهن ڪري اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته هڪ ننڍي راجا نه ڏئي ڀيڻ سان ڀيڻ کي پاڻ وٽ ويهاري ڇڏيائين، اهو هر ڪنهن کي معلوم آهي ته هندن ۾ ذات پات جو فرق هو، ان ڪري جيڪڏهن هن ڪنهن ڪمذات يا گهٽ رتبي واري ماڻهو کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هجيان لاءِ ائين چئجي ته هن ڀيڻ سان شادي ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ته اهو سراسر بدديانتي ۽ ڪوڙ آهي، "(سنڌ جا سورما صفحو نمبر 18 )
اهي ته راجا ڏاهر تي لڳايل الزام ۽ بهتان هئا جيڪي عرب درٻارين جي طرفان عربن جي سنڌ تي ڪاهه کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ لڳايل؛ ويا هئا پر  هاڻي اچو ته سنڌ جي مها راجا جي جنگ تي، جڏهن محمد بن قاسم جي لشڪر الور تي حملو ڪري ڏنو ته سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار حڪمران پنهنجي وطن جي حفاظت پنهنجي مٿان فرض سمجهندي پنهنجي ساٿين سوڌو جنگ جي ميدان ۾ آيو، ان باري ۾ مرليڌر جيٽلي پنهنجو مضمون سنڌ جو سوروير مهاراجا ڏاهرسين ۾ لکي ٿو ته "محمد بن قاسم ديبل بندر فتح ڪرڻ بعد نيروڪوٽ ۽ سيوهڻ جو قلعو بنا ڪنهن مشڪلات جي جي فتح ڪيو ڇاڪاڻ ته اتي جا ٻوڏي گورنر راجا ڏاهر جي خلاف هئا ۽هو اڳ ۾ ئي ڳجهي نموني خليفي کي لکپڙهه ڪري اتي جي حالتن بابت سڀ راز ٻڌائيندا رهي؛، اهڙيون حالتون ڏسي رهيو، راجا ڏاهرسين خود جنگ جي ميدان ۾ مقابلي لاءِ آيو هو ته پنهنجي راڄڌاني اروڙ جي قلعي مان نڪري راور هي قلعي وٽ اچي دشمن سان دوبدو لڙيو، محمد علافي جيڪو پنهنجي قبيلي سوڌو راجا ڏاهر جي پناهه ۾ رهيو هو تنهن به دغابازي ڪئي، هو ڳجهي نموني محمد بن قاسم کي راز ٻڌائي رهيو هو، هن راجا ڏاهر کي به لڙائي بابت غلط صلاحون پئي ڏنيون، راور جي ميدان ويجهو لڳاتار 4 ڏينهن زبردست قسم جي جنگ لڳي دشمن جا ڪيترائي سپاهي انهي ۾ زمين دوز ٿيا، 5 ڏينهن راجا پنهنجي هاٿي تي سوار ٿي دشمن سان وڙهي رهيو هو ته ان لڙائي ۾ عرب فوجن باهه جا تير ڪتب آندا انهن جي لڳڻ سان راجا ڏاهر جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو، ڇاڪاڻ ته گهوڙا ۽ هاٿي باهه لڳڻ سبب جنگ جي ميدان بدران ندي ڏانهن وڃڻ لڳا، راجا ڏاهر جو هاٿي به باهه لڳڻ جي ڪري ندي ڏانهن ڀڳو اهو پاڻي ۾ ئي هو ته راجا ڏاهر ٽپو ڏئي هيٺ لٿو ۽ هو تلوار سان دشمن جو مقابلو ڪرڻ لڳو راجا ڏاهر تير ۽ تلوار بازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو هن هڪ ئي وقت 7تلوارن هڪ ٻئي سان ٻڌي سُدرشن چڪر وانگر پئي هلايو ته اوچتو هڪ تي تير اوچتو اچي سندس ڇاتي ۾ لڳو(ڪتاب :شهيد مها راجا ڏاهر مرتب آزاد قاضي صفحو نمبر 178)اهڙي طرح تير لڳڻ سبب هي سنڌ جو حلالي پٽ وطن تان جان نثار ڪري ويو نہ پاڻ پر سندس پٽ، زال ۽ ڌيئرن به پنهنجي انداز سان عربن سان جنگ ڪئي ۽ وطن تان وريا ويا. 
هن موقعي تي مون کي حسام الدين راشدي جا پيغام پبليڪيشن نمبر 6شايع ٿيل آهي لفظ ياد پوڻ ٿا ته "جيڪڏهن ايران ۾ داريوش جي اڍائي هزار سالا ورسي ملهائڻ کانپوءِ به ايراني مسلمان سڏجي سگهن ٿا، مصر ۾ فرعون ثاني جي مجسمن کي قاهره جي شاهراهن تي نصب ڪرائڻ کانپوءِ به مصري مسلمان ليکيا وڃن ٿا ته پوءِ اسان سنڌين کي راجا ڏاهر جي نالي وٺڻ تي ڇو ڪافر ٿو ڪوٺيو وڃي، تعجب آهي ته مصر ۽ ايران جهڙن اسلامي ملڪن  ۾ حضرت عمروبن عاص ۽ سعد بن ابي وقاص جهڙن عرب فاتحن جو ڪو ڏينهن نه ٿو ملهايو وڃي پر سنڌ ۾ محمد بن قاسم جو ڏينهن وڏي زور سان ملهايو ٿو وڃي "
هاڻي جڏهن اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته نه محمد بن قاسم جي ڪري سنڌ ۾ اسلام آيو پر سنڌ ۾ آيل اسلام 5 اصحابين جي محنت آهي، ان کانسواءِ پاڻ ڪريمن ﷺ تلوار جي زور تي نه پر اخلاق ۽ محبت سان ڏيڻ ڦهلايو هو ان کان سواءِ سنڌ ڄائي محقق ڊاڪٽر ايم ايڇ پنهور پنهنجي تحقيق جي بنياد تي پنهنجي تصنيف جي صفحي نمبر 134تي لکيو آهي ته "عربن پاران سنڌ سميت ٻين سمورن ملڪن تي حملا ڪرڻ جو مقصد رڳو عرب جارحيت ۽ حڪمراني کي ڦهلائڻ هو. 
اڄ 2جولائي جو ڏينهن جنهن سڻڌ پنهنجي آزاد حيثيت تڏهن وڃائي جڏهن هتان جو آزاد ۽ خودمختيار حڪمران راجا ڏاهر عربن هٿان وطن جي حفاظت ڪندي وطن واريو ويو، 2جولائي 712ع۾ راجا ڏاهر جي وطن تان قربان ٿيڻ کانپوءِ سنڌ 340 سال لڳاتار ڪڏهن ترخان تہ ڪڏهن ارغونن جي تسلط ۾ رهندي آئي ۽ وري سومرن جي دور ۾ سنڌ کي خودمختياري نصيب ٿي. 

Comments

Post a Comment