ٻٽو معيار آخر ڇو؟

نيا ۾ سڌريل ملڪن ۾ جانورن ۽ پکين جي بچاءُ لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا آهن، جن تي اهي ملڪ اربين ڊالر خرچ ڪن  ٿا ۽ کين بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻن ٿا، تائيوان جنهن ۾ 1970ع ۾ ملڪ جي  اولهه وارن علائقن کي اوڀر وارن علائقن سان ڳنڍڻ لاءِ فري زون انجنيئرنگ بيورو ٺاهيو ويو، جيڪو اربين ڊالرن جي رقم سان نيٺ 1978ع ۾ ٺهي راس ٿيو، تائيوان ۾ ملڪ ويڊ نالي هڪ قسم جا پوپٽ رهن ٿا جيڪي اپريل جي مهيني ۾ تائيوان جي اولهه وارن علائقن کان اڀرندي سفر ڪن ٿا جڏهن 1979ع ۾ پوپٽن پنهنجي روايت وانگر پنهنجي صدين جو سفر شروع ڪيو ته ڪيترائي پوپٽ  فري زون انجينئرنگ  بيورو ۾ گاڏين سان ٽڪرائجي مرڻ لڳا، جڏهن ان ويڌن جي خبر تائيوان جي حڪمرانن کي پئي ته هنن کي ڏنڊين آڱريون اچي ويون، پهريائين پوپٽن کي بچائڻ لاءِ انجينئرنگ بيورو کي ڄاري سان ڍڪيو ويو ته جيئن روڊ ڏانهن وڃن ئي نه پر ڪيترائي ڄاري سان ٽڪرائڻ سبب به مري رهيا هئا ته حڪمرانن سروي ڪرائي ته خبر پئي ته انجينئرنگ بيورو جي لائين نمبر 3 تي هلندڙ گاڏيون پوپٽن جو رستو روڪين ٿيون ته نيٺ تائيوان جي حڪمرانن اربين ڊالر جي لاڳت سان ٺهيل انجينئرنگ بيورو جي لائين نمبر 3 اپريل جي مهيني ۾ بند رهڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن پوپٽن جي صدين جي سفر ۾ رڪاوٽ نه ٿئي  اها ڳالهه ته تائيوان جي هئي جتي پوپٽن کي بچائڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويو، پر اسان وٽ ته صورتحال ان جي ابتڙ آهي هتي ملڪ ٺهڻ شرط ئي طاقت کي سڀ ڪجهه سمجهيو ويو، ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن کي حق گهرڻ تي وحشاڻو تشدد ڪيو ويو ۽ ڪيترائي شاگرد ماريا ويا، عالمي دنيا ڍاڪا يونيورسٽي جي شاگردن جي جدوجهد ۽ قتل عام کي ڏسي ان ڏينهن کي مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جو درجو ڏيئي ڇڏيو، جيڪو هر سال فيبروري ۾ ملهايو ويندوآهي، ڇو ته ڍاڪا يونيورسٽي ۾ اهو واقعو  انهي ڏينهن ٿيو جڏهن  بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ شاگرد احتجاج ڪري رهيا هئا ته کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڍاڪا  ۾ طاقت جي بيجا استعمال جي ڪري بنگلاديش وجود ۾ آيو.
بنگلاديش ٺهڻ  کانپوءِ به اسان جي حڪمرانن هوش نه ڪيو، بلوچستان ۾جڏهن ماڻهن ۾ احساسي محرومي وڌي ته اتي جي ماڻهن پنهنجا حق گهرڻ لاءِ آواز اڀاريو، حقن لاءِ آواز اڀارڻ تي سوين بلوچن کي کنڀي گم ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي جا لاش چچڙي ۽  ساڙي ۽ روڊن  تي اڇلايا پيا وڃن ويا ۽ سندن نوجوانن جون اجتماعي  قبرون ملي رهيون آهن،
سنڌ جي ماڻهن جڏهن پنهنجي حقن لاءِ آواز جو علم بلند ڪيو ته ساڳي ڪار هتي به شروع ڪئي ويئي آهي، ڪڏهن مظفر ڀٽو کي تشدد ڪري ماريو ويو ته وري ڪڏهن صاحب خان گهوٽي کي کنڀي گم ڪري تشدد ڪري لاش چچري ڦٽو ڪيو ويو ۽ ڪڏهن قربان کهاوڙ کي ساٿين سوڌو ته وري ڪڏهن عدم تشڊد جي راهه تي هلندڙ مقصود قريشي کي گوليون هڻي لاش  سندن ئي گاڏين ۾وجهي ساڙيا ويا.
هاڻي هڪ طرف پاڻ حڪومت اهو تسليم ڪيو آهي ته ڪڏهن به طاقت ذريعي ڪنهن کي دٻائي نٿو سگهجي ملڪ جي وزيراعظم بلوچستان جي عوام کان معافي ورتي ۽ هر حڪمران بلوچن جي احساسي محرومي جو  ذڪر ڪري ٿو پر ان تي مڪمل عمل نه ٿو ڪيو وڃي.
هن وقت هڪ طرف  50 هزار ماڻهن کي شهيد ڪندڙ طالبان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، 

Comments

Post a Comment