ڪراچي ۽ سنڌ لکڻ پويان هڪ سازش...!


جهہ ڏينهن اڳ '' وزير اعظم هائوس مان جاري ٿيل هڪ ليٽر ۾ لکيو ويو آهي تہ وزيراعظم سنڌ/ڪراچي جي ايم اين ايز سان ملاقات ڪندو': جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي ماڻهن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪيو تہ سندس وطن خلاف ڪا سازش تہ نہ ٿي رهي آهي. 
هو ڪو پهريو بيرو ناهي جو ڪراچي ۽ سنڌ جا محاورا،نعرا ۽ سلوگن لکجڻ لڳا آهن ڪافي عرصي کان وٺي منظم رٿابنديءَ تحت هڪ اهڙو ٽولو هنن ڪاررواين ۾ مصروف رهيو آهي جيڪو گنگا ۽ جمنا جي پوتر جل کي داغدار ڪري  ڀارت کان ڍڳي گاڏين ۽ ريلوي جي ڇتين تي ڪهي آيل مسلمان ڀائرن جن کي هتي جي سنڌين نہ رڳو پنهنجو سمجهي  سکيو رکيو پر دردن جو پيڙاهہ سيني ۾ سانڊي پنهنجن اباڻن اجهن کان مذهبي جنون هيٺ لڏايل سنڌي ڀائرن جا شهرن ۾ اڏيل شاندار بنگلا سندن حوالي ڪيا، ڇو تہ سنڌ جي سرزمين ۽ هتي جي اصل رهواسين ڪڏهن به ڪنهن ٻي قوم جي ڌارين کي ڌڪي نه ڀڄايو آهي، بلڪہ کين ڀليڪار چوندي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن، ٻاهران آيل مختلف قومون هتي اچي سنڌي قوم سان ضم ٿي ويون آهن، ۽ هن ڏيهه جون بڻجي چڪيون آهن، صرف هڪ ڀارت مان آيل پناهگيرن هيڏن فائدن، سهولتن، ملڪيتن، زمينن جي باوجود سنڌ جي ڌرتيءَ کي پنهنجو نه سمجهيو آهي،جو سندس نمائندگي جي دعوي ڪندڙ نشي جو عادي لنڊن  جو شهري ۽ پنهنجن ئي  ماڻهن بقول دشمن ملڪ کان پيسا وٺي وقت بہ وقت ڪراچي ۾ رت جي راند رچائيندڙ ذهني مريض ڪڏهن 1 يا 2،تہ وري ڪڏهن آڌاها تمهارا آڌاها ھمارا جا رينگٽ وڄائيندو رهيو آهي نہ رڳو ايترو پر ان جي پوکيل نفرت جي ٻج سبب اهي سدائين ڪو نه ڪو  ٻٽاڪ، مطالبو، لڪل رٿابندي ۽ سنڌين سان نفرت جو اظهار ڪندا رهن ٿا، ڪڏهن 20 صوبن جي سوچ، ڪڏهن سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جا ارادا ظاهر ڪندا رهن ٿا، وڏي ۾ وڏي خطرناڪ دعويٰ جيڪا هو هاڻ ڪن ٿا ته اسان جلد آدمشماريءَ ۾ واڌارو آڻي صوبي جي وڏ وزارت ۽ انتظامي ۽ مالي معاملن تي قبضو ڪرڻ جي هام هڻي رهيا آهن . اهڙي صورتحال ۾ روز جي اخبارن جي مطالعي کان پوءِ ماضي قريب ۾ سرڪاري ادارن بہ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڏيکارڻ، نام نهاد قومي ميڊيا لاڳيتو ڪجهہ عرصي کان ڪراچي ۽ سنڌ لکڻ وارا اصطلاح استعمال ڪندي پنهنجي پٽ وائکي ڪندي رهي آهي ۽ ان کان اڳ ملڪي سياست ڪندڙ پي ٽي آءِ جي سربراهہ جي جوڙايل فلاحي اداري جي بينرن ۾ بہ اها حرڪت ڪئي وئي هئي جيتوڻيڪ هن بہ سمورن ادارن، ٺڳن ۽ ملڪ خلاف نفرت ۽ غلط زبان استعمال ڪندڙ وانگر سنڌ جي احتجاج بعد معافيون ورتيون آهن هاڻي وري تازو وزير اعظم هائوس مان جاري ٿيل هڪ ليٽر ۾ لکيو ويو آهي تہ وزيراعظم سنڌ/ڪراچي جي ايم اين ايز سان ملاقات ڪندو، پر هن وقت جڏهن ملڪ ڪيترن اندروني ۽ ٻاهرين خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان وقت ان صوبي لاءِ اهڙي قسم جون اصطلاحون لکڻ يقينن هن صوبي جي ماڻهن کي وڌيڪ ڪاوڙ ڏياريندو ان ڪري وزير اعظم عمران خان کي نوٽيس وٺڻو پوندو،  جي وحدت خلاف زهر اوڳاڇيو وڃي ٿو جنهن هن ملڪ جي حمايت ۾ پهرين قرارداد منظور ڪري پاڪستان جي پيڙهہ جو پٿر رکيو هو، ان جي وحدت ۽ آئيني حدن  خلاف  اڳ رڳو لساني ٽولي طرفان اهڙيون حرڪتون ڪيون ٿي ويون پر گذريل ڪجهه عرصي کان مسلسل سرڪاري ادارن ۽ ملڪي وفاقي پارٽين جي طرفان ڪراچي ۽ سنڌ لکڻ جي شروعات ٿي آهي، اهڙن نفرت انگيز محاورن جو تيز سان مختلف ڌرين پاران ورهائجڻ اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو تہ ڪٿي ان سڄي عمل پٺيان ڪا سازش تہ بہ آهي هاڻي عمران خان کي اهو سوچڻو پوندو هڪ طرف هو تڪراري ڊيمڻ جي ڳالهہ پيو ڪري ٻئي پاسي وري هن جي آفيس مان سرڪاري طور ڪراچي/ سنڌ وارا اصطلاح استعمال ڪندي ليٽر جاري ڪرڻ يقينن پي ٽي آئي جي گراف کي ڪيرائينديون
جيڪڏهن وزيراعظم هن معاملي جو نوٽيس نہ ورتو تہ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري ڏيکارڻ کان پوءِ اسان اهو سمجهڻ تي حق به جانب آهيون تہ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت اهو سڀ ڪيو پيو وڃي، سرڪاري ادارن پاران هڪ ٻئي پويان اهڙين حرڪت کان پوءِ سنڌ جا ماڻهو وفاقي پارٽين کان سوال ڪن ٿاتہ اهي حرڪتون آخر ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، اسان سمجهون ٿا تہ وفاقي حڪومت کي انهي حرڪتن جو سختي سان نوٽيس وٺي ليٽر ۾ ڪراچي سنڌ کي ڌار ڌار ڏيکارڻ جي جاچ ڪرائي ذميوار خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي 

Comments

Post a Comment