ٻٻرن کان ٻير گهرڻ واري روايت ختم ڪرڻي پوندي

تحرير:وقاص کوسو
ڇا اسان جو مقدر اهو آهي ته اسان روئيندا،دانهون ۽ رريون ڪندا رهون،اسان جا ٻار غربت سبب سٺي تعليم حاصل ڪري نه سگهن،اسان جون مائرون ۽ ڀينرون بدامني سبب پنهنجي ئي اجهن ۾ پاڻ کي غير محفوظ سمجهنديون رهن،اسان جا وڏڙا هر روز روڊن تي فصل جو صحيح اگهه نه ملڻ ڪري احتجاج ڪندا رهن ۽ جڏهن بيمار ٿين ته نه انهن وٽ پيسو هجي ۽ نه وري انهن جو سرڪاري اسپتال ۾ بهتر علاج ٿي سگهي،ڇو ته اسان پنهنجي مقدر کي بدلائڻ لاءِ تيار ئي ناهيون،اسان هر ڀيري پيرن ،مرشدن،سردارن ۽ جيئي جيئي جي نعرن کي ووٽ ڏئي هميشه ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي اميد لڳائي ويهي ٿا رهون، جنهن جو بدلو اهو ٿو نڪري نه اسان کي پنهنجو جائز حق ٿو ملي نه وري اسان جي ووٽن سان چونڊيل نمائندا اسان سان ملڻ لاءِ تيار هوندا آهن،ڇوته اسان کين ووٽ نه ڏنو اسان ته انهن  سردارن ۽ جيئي وارن کي ووٽ ڏنو هو ۽ هو ڇو اسان کان پڇن ۽ اسان جا مسئلا حل ڪرائين اسان ته انهن کي بغير پڇاڻي جي ئي ووٽ ويو ڇڏيون.اهو ئي سبب آهي جو اسان گذريل 30 سالن کان هڪ ئي پارٽي کي ووٽ ڏيندا آيا آهيون،جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي نقصان ان پارٽي ئي پهچايو،6 ڀيرا سنڌين پ پ کي اقتدار تائين پهچايو پر ان جي بدلي انهي پپ  اسان کي ڇا ڏنو،6 ڀيرا چونڊرائڻ کانپوءِ  به “ نه اسان کي سٺيون علاج جون سهولتون ڏئي سگهي آهي ۽ نه وري اسان جي نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏئي سگهي آهي،اسان جا اهل نوجوان هٿن ڊگريون کنيو ڪڏهن اسلام آباد ته ڪڏهن ڪراچي جا ڇڪر لڳائيندا رهن ٿا، ها جيڪڏهن پ پ ڪجهه ڏنو آهي ته اهو ڪرپشن جو عذاب،رشوت جو جهان  اسان جو جائز ڪم به رشوت کانسواءِ نه ٿو ٿئي،ها اسان جي ووٽ سان ٺهندڙ حڪومت ۾ سنڌ جي نوجوانن کي رستن تي گوليون هڻي يا وري شهيد بشير قريشي وانگر پراسرار نموني شهيد ڪيو ويو، سنڌ جي پارٽي سڏرائيندڙ پ پ جي حڪومت ۾ اڄ ڏينهن تائين انهن جو ڪيس به داخل ٿي نه سگهيو آهي،سنڌ جي شهه رڳ جي حيثيت رکندڙ شهر ۾ هڪ روز بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو پيو وڃي پر ڪير چوڻ وارو نه آهي.
ان کانسواءِ به پ پ اسان کي ڪافي ناسور ڏنا آهن، جن ۾ سنڌ جي انتظامي ورهاڱي وارو تڪراري ٻٽو نظام جنهن کي  اسان ۽ توهان 4 مهينن جي ڊگهي جدوجهد کانپوءِ حڪمرانن کان واپس وٺرايو،جنهن کانپوءِ  هر ٻئي ڏينهن لنڊن جو هڪ شهري سنڌ ورهائڻ جو تڪراري مطالبو ڪري رهيو آهي ته ان تي به پ پ  وارا صاحب خاموش تماشائي بڻيو ويٺا آهن،هاڻي حد اها ٿي وئي جو ان لنڊن واري همراهه جي مذمت تي پري جي ڳالهه پر ان جي نالي تي(جيڪو ڪيس ۾ گهربل آهي) يونيورسٽيون ٺاهيون پيون وڃن،ان لاءِ به زمين اسان وارا صاحب ڏئي رهيا آهن،هاڻي ته ان لنڊني همراهه جي دلي ايڏي وڌي وئي جو هو نه رڳو صوبو جي ڳالهه ڪري رهيو آهي،پر هاڻي هو ان جي فوج خلاف بيان ڏئي رهيو آهي ۽ اسان جي ملڪ دشمن ڀارت جي ڳجهي اداري “ را ” کان به مدد طلبي رهيو آهي،ان سان گڏ هو پنهنجي ڇوڪرن کي فوجي ٽريننگ وٺڻ لاءِ به چئي رهيو آهي،ان سڄي صورتحال اسان جي ووٽن سان چونڊجي آيل پ پ جو ڪردار اهو آهي ته ملڪ جي ٽن اسيمبلين لنڊن واري همراهه جي بيان جي مذمت ڪئي۽ٺهراءُ منظورڪرايا پر جنهن صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي رهي آهي،ان صوبي جي اسيمبليءُ مان مذمتي ٺهراءُ   پاس ڪرائڻ ته پري جي ڳالهه پر ٻين پارٽين جڏهن ٺهراءُ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيالن اهو ٺهراءُ اسيمبلي ۾ اچڻ به نه ڏنو.           
هڪ پاسي پ پ جا ڪم اهي رهيا اهن ته ٻئي پاسي ڪجهه نوازيل ماڻهو اسان جي اٻوجهه ماڻهن اهي چوندا ته  پارٽي اقتدار ۾ اچي ڦلاڻي ڳوٺ وارن کي نلڪو لڳرائي ڏنو ته اسان جا مسڪين ماڻهو اها ڳالهه   فخر سان مهڪندا ۽ ٻين کي ٻڌائيندا،جيڪڏهن اسان جي ووٽن سان چونڊجي ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ايوان تائين پهتل اسان جو نمائندو جيڪڏهن برساتي ڏيڏر وانگر چونڊن جي موسم ۾ اسان وٽ 5 سال اڳ فوت ٿيل اسان جي ڪنهن عزيز جي تعذيت تي پهتو ته اهي نوازيل ماڻهو  “واهه سائين! واهه سائين!”ڪندا نه ماپنداسين،جيڪڏهن  اسان جي اها سوچ رهي ته پوءِ اسان وٽ ڪجهه سالن کانپوِءِ ڪجهه به نه بچندو.هاڻِ اسان کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي ان کان سواءِ ڪو رستو نه بچيو آهي،ان ڪري هاڻِي پنهجي لاءِ ڪنهن ا هڙي ماڻهو جي چونڊ ڪرڻي پوني جيڪو اسان کي پنهجا حق وٺي پر اهو اسان جي ڌرتي تي وڌندڙ انتهاپسندي جي ناسور کي به روڪي،ان ڪري اسان مان هر هڪ کي پنهجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ان لاءِ هڪ ڳالهه ياد رکڻي پوندي ته جڏهن اسان تبديلي جي ڳالهه ڪنداسين ته اسان کي جلد اهو جواب ڏنو ويندو ته ڇا ٿيندو؟،ڪجهه به تبديل نٿو ٿي سگهي،نه! بلڪل سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، ڇو ته هاڻي اهو دور ناهي جو چينگيز خان وانگر حق وٺجن،هاڻي دور تبديل ٿي چڪو آهي هاڻي تبديل ڪو بلٽ ذريعي نه پر بيلت ذريعي ايندي،جنهن جو مثال تازو ٿيل برطانيا جون چونڊون آهن،برطانيا جي رياست اسڪاٽلينڊ ڪجهه مهينا اڳ برطانيا کان آزادي لاءِ ريفرينڊم ڪرايو هو،جيتوڻيڪ ان وٽ ريفرينڊم ۾ آزادي جي حامينکي شڪست ملي هئي پر نه اهي آزادي پسند ماٺ ۽ مايوس ٿيا نه وري اتي جي عوام خاموش ٿي تان ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل چونڊن جي آيل نتيجن ۾ اسڪاٽلينڊ جي ٽوٽل 59 سيٽن مان 56 سيٽون آزادي پسند پارٽِ حاصل ڪري ورتيون هاڻي هو پنهنجا مطالبا آساني سان برطانيا جي رياست کان مڃرائي سگهن ٿا ۽ ان جو اسان وٽ مٽال بلوچستان جو ڏئي سگهجي ٿو،جتي جا بلوچ پنهجي هڏ ڏوکين کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ موڪلين ٿا،ان ڪري هر ايندڙ حڪمران کي بلوچن کان نه رڳو معافي وٺڻي پوي ٿي پر پنهجي صوبي جي ڳالهه ۽ مطالبا قومي اسيمبلي۽سينيٽ مان مڃرائين ٿا پران سان گڏ ڪڏهن آعاز حقوق بلوچستان ته ڪڏهن ٻيا پيڪيج وٺي ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا،ان ڪري هاڻِي اسان کي سنڌ ۾ پ پ جو متبادل ڳولڻو پوندو ۽ هاڻِي اها ڳالهه ذهن ۾ ويهارڻي پوندي ته پ پ سنڌ کاءِ ٻٻر جو وڻ آهي،ان ڪري  ٻٻرن کان ٻِير گهرڻ واري روايتن کي ختم ڪرڻو پوندو،ان لاءَ جيڪي قومپرست ڌريون پارليامينٽ ۾ وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهن اهن کي ووٽ ڏئي پنهجي پارلياماني سگهه مضبوط ڪرڻي پوندي،ان لاءِ انهن ۾ به انهن جي چونڊ ڪرڻي پوندي جيڪي رات پيٽ ۾ سنڌ جي ورهائڻ جي مهماني ڪرڻ وارا نه هجن،ان حقيقي طور جيڪي سنڌ جي عزت آجپي ۽ خوشحالي جي ڳالهه ڪن،انهن جي چونڊ ڪندي ايندڙ عام چونڊن توڙي مڪاني چونڊن ۾ ٻٻرن کان ٻِير گهرڻ واري روايتن کي ختم ڪندي سنڌ جي عزت،آجپو ۽ خوشحالي جي نه رڳو ڳالهه ڪندڙ پر عملي جدوجهد ڪندڙن جي چونڊ ڪرڻِ پوندي.   
        

Comments