برطانيا ۾ عورت جو کير سوشل ميڊيا تي وڪامجڻ لڳو


هڪ غير ملڪي نشرياتي اداري جي سروي ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته برطانيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ اهڙيون مائڙون به آهن جيڪي پنهنجو کير سوشل ميڊيا جي گروپس ذريعي انهن عورتن تائين پهچائي رهيون آهن جن کي ان جي ضرورت آهي، اهڙي سروي نتيجن بعد اتي جي صحت کاتي عوام جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ته هو نيشنل هيلٿ سروس جي نگراني بغير اهڙي ڪم کي روڪرائين ۽ انهن عورتن کي آگاهي ڏين،اتي جي ڪجهه ماهرن اهڙي انڪشاف بعد ان ڳالهه جو به خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ان طرح هيپاٽائٽس ۽ ايڊز جي بيماري به پکڙجي سگهي ٿي ان ڪري اهڙي ڪم کي جلد کان جلد کان روڪرايو وڃي،پر ان عمل جي حامي ماڻهن جو موقف آهي ته اهڙيون مائڙون سوچي سمجهي اهڙو ڪم ڪري رهيون آهن
اهڙي ڪم جي حامي عورت وٽ ان ڪاروبار لاءِ پنهنجا ڊليل آهن ان سروي ۾ هڪ حامي عورت وولورهيمپتن سان تعلق رکندڙ بيڪس پولن نالي عورت جو چوڻ هو ته کيس پنهنجي ڌيءُ ”ٿيو“ کي پنهنجو کير پيارڻ ۾ مشڪل ٿي رهي هئي ته هوءَ ڪنهن ٻئي ذريعي سان ڌيءُ کي ماءُ جو کير پيارڻ لاءِ بيتاب هئي،هڪ ٻئي حامي عورت جو چوڻ هو ته آئون پٽ کي دٻي جو کير پيارڻ نه پئي چاهيو ته مون کي هڪ عورت دوست صلاح ڏني ته فيسبوڪ تي ٺهيل هڪ گروپ ”انسان جي ٻارن لاءِ انسان جو کير“نالي سان ٺهيل پيج ڏس،اهو پيج برطانيا ۾ انهن مائرن جي وچ ۾کير جي مٽاسٽا ۾ مدد ڪري ٿو،ان عورت جو چوڻ هو ته منهنجو کير هونئن ئي نه پئي ٺهيو آئون ان گروپ تي ويس ۽ بغير ڪنهن هٻڪ جي مدد جي اپيل ڪئي.
هن حامي عورت ساره ميڪ هيو جو چون هو ته جڏهن مون کي ڌيءُ ٿي ته ان جي استعمال کان وڌيڪ کير ريهو مون عورتن جي ان پيج تي کير عطيو ڏيڻ لاءِ پوسٽ رکي
برطانيا ۾ ان پيج کي لائيڪ ڪندڙ ماڻهن جو تعداد 5 سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا 18 هزار ٿي ويو آهي،کير جي مٽاسٽا ڪندڙ عورتن جو چون آهي ته کير جو عطيو وٺن کان اڳ ڪجهه ڳالهيون واضح طور تي پڇڻ گهرجن ته کير عطيو ڪنهن ماءَ سگريٽ سميت ڪو نشو ته نه ڪري،ڪا اهڙي دوا ته نه ٿي وٺي جنهن سان ٻار کي نقضان پهچي،انهن عورتن اهو به انڪشاف ڪيو ته فيسبوڪ به ماڻهن تي زور ڏي ٿو ته اهي کير عطيو ڏيندڙ عورت کان شراب سميت مختلف سوال ڪن ۽ کير کي ليبارٽري ۾ ٽيسٽ به ڪرائين
جڏهن ته ڊاڪٽر ان عمل جي سخت مخالفت ڪن ٿا

Comments